اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ نشان الاٽمينٽ ڪرڻ جي وقت ۾پنج ڀيرا واڌ

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) پنج ڀيرا چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ جو وقت وڌايو، اليڪشن ڪميشن موجب   چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ جو وقت شام 7 وڳي کان وڌيڪ نه وڌايو ويندو پر پوءِ اهو وقت رات 9 وڳي تائين وڌايو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي بيٽ جو چونڊ نشان واپس ڪرڻ واري پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ پاران فيصلو 9 وڳي ٻڌائڻ جي اعلان کانپوءِ اي سي پي پاران ٽيون ڀيرو واڌ ڪئي وئي. جڏهن ته فيصلي ۾ دير سبب اليڪشن ڪميشن چوٿون ڀيرو وقت ۾ رات 11 وڳي تائين واڌ ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ پنجون ڀيرو ساڍي 11 وڳي تائين واڌ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.