ڪراچي ۾ ڪھڙي پارٽي وڌيڪ سيٽون کڻندي ؟

ملڪ ۾ سال 2024 جي عام چونڊن ۾ باقي ته مھينو بھ نھ رھيو آھي،پر ھن ڀيري عام چونڊن بابت بي يقيني واري ڪيفيت سبب تاحال سياسي جماعتن جي سرگرمين ۾ ڪو بھ جوش جذبو يا گرمي نظر نھ پئي اچي،عام چونڊن تي غور ڪرڻ سان اھي ”گونگيون چونڊون“ محسوس ٿي رھيون آھن.ممڪن آھي تھ ان جا ڪي ٻيا سماجي سبب بھ ھجن پر اھا بھ حقيقت آھي تھ عوام بيزار نظر اچي رھيو آھي.جنھن ڪري اڳي جھڙي نھ رونق آھي نھ ئي وري ڪي وڏا سياسي جلسا آھن،ڪجهھ سياسي ڌرين کي ھن وقت بھ اھائي شڪايت آھي تھ انھن کي ھڪجھڙا موقعا نھ ملي رھيا آھن.

ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جي سرگرمين ۾ بھ اھو جوش نھ رھيو آھي،سمجھيو اھو پيو وڃي تھ ھن ڀيري واريون عام چونڊون ھڪ رسم آھي جيڪا پوري ٿيڻ وڃي رھي آھي. عام طور تي ڪاڄن ۾ ڪاوڙيل مٽن مائٽن کي پرچائڻ جي موسم ايندي آھي،تھ وري چونڊن جي مند ۾ سياسي ڪارڪنن جي رسڻ پرچڻ جو مرحلو بھ ايندو آھي،پر ھنن چونڊن ۾ ھر سياسي جماعت گھڻن کي رسايو ۽ ٿورن کي پرچايو آھي.

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جون چونڊون ھر ڀيري اھم ھونديون آھن،ڪجهھ وقت اڳ تائين ڪراچي شھر تي ايم ڪيو ايم واحد جماعت ھوندي ھئي،جيڪا باقي جماعتن کي جاءِ نھ ڏيندي ھئي.گذريل چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي جاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ورتي ھئي،جنھن بابت اڳوڻي آرمي چيف، انڪشاف ڪيو ھو تھ ھوءَ ”پي ٽي آءِ جي عشق ۾ انڌا ٿي ويا ھئا“

ڪراچي ۾ ھن ڀيري ڪھڙي صورتحال بيھندي ڪھڙي جماعت وڌيڪ سيٽون کڻندي، ڇاڪاڻ جو ھن وقت انھن قوتن جو پي ٽي آءِ توڙي ايم ڪيو ايم سان اھو ”عشق“ ئي ٽٽي ويو آھي،جنھن جا چرچا عام ھئا.

عام چونڊن لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ ۽ واپس وٺڻ جو وقت پڄاڻيءَ تي پهچي رهيو آهي پر ايم ڪيو ايم پاڪستان پارٽي اندر اختلافن جو شڪار آهي.مبصرن موجب ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ٽڪيٽون حاصل ڪندڙن ۾ اڳوڻي پاڪ سر زمين پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي سرسي ملي وئي آھي.محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم قيادت کي اڳوڻي پي ايس پي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي.جنھن ڪري ڪيترائي ايم ڪيو ايم جا اهم اڳواڻ چونڊ وڙهڻ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، جن ۾ڪشور زهريٰ ،ريحان هاشمي، ڪامران اختر ۽ محمد حسين جا نالا ڳڻايا پيا وڃن.چيو ٿو وڃي تھ  خواجا اظهار الحسن کي به آخري وقت ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. ان ڪري ڪجهه اڳواڻن ته سياسي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آهن ۽ مايوس ٿيل آهن. بلديا ۾ به مصطفيٰ ڪمال جي ساٿي دلاور خان کي ٽڪيٽ ملي آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان جا پراڻا ڪارڪن ڪاوڙيل آهن.ٻئي پاسي حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ نواب شاهه ۾ به متحده پنهنجا مضبوط اميدوار بيهارڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي.

ان ڪري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ لبيڪ چونڊن جي ڀرپور رٿابندي ڪئي آهي. جيڪي سروي رپورٽون اچي رهيون آهن، انهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ متحده ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي.

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي پارٽي  اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ھن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽن جي ورهاست تي خدشن جو اظهار ڪيو. خواجا اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽن جي ورڇ ۾ ميرٽ کي نظرانداز ڪيو آهي، ان معاملي تي پاڪستان هائوس ۾ اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ به ٿي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته کيس صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 123 تان اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي پر ھن انڪار ڪيو. ھن وقت جي معلومات موجب 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪن لاءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پنھنجي اميدوارن ۾ وڏي تبديلي ڪئي آهي.

مبصرن موجب اڳوڻو اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن 2024ع جي چونڊن کان آئوٽ ٿي ويو آهي، خواجا اظهار قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 4 سيٽن تان ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي اميدوارن جي فائنل  ڪيل نالن ۾،اين اي 229 تي ڊاڪٽر فوزيه حميد، اين اي 232 تي آسيا اسحاق، اين اي 233 تي جاويد حنيف ۽ اين اي 234 تي عامر پيرزادو اميدوار هوندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 تان اقبال محسود، اين اي 236 تان حسن صابر، اين اي 237تان رئوف صديقي، اين اي 238 تان صادق افتخار ايم ڪيو ايم جا اميدوار آھن. اهڙي طرح ارشد وهرا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 تان، ڊاڪٽر فاروق ستار، اين اي 241 تان اميدوار هوندا. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 مصطفيٰ ڪمال، اين اي 243 همايون عثمان، اين اي 244 فاروق ستار، اين اي 245 تي حفيظ الدين ايم ڪيو ايم اميدوار آهن.

امين الحق اين اي 246 تان اميدوار هوندو، اين اي 247 مصطفيٰ ڪمال، اين اي 248 خالد مقبول صديقي، اين اي 249 احمد سليم صديقي ۽ اين اي 250 تي فرحان چشتي ايم ڪيو ايم جا اميدوار آھن.

ڪجهھ عرصو اڳ تائين ايم ڪيو ايم پاڻ کي ڪراچي شھر جي عوامي نمائندا جماعت قرار ڏيندي ھئي پر ھن وقت جي صورتحال مان محسوس ٿي رھيو آھي تھ ان جماعت جي گرفت ختم ٿي رھي آھي.جنھن تي مبصرن جو خيال آھي تھ 2024 جي عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ون نمبر پارٽي جي پوزيشن شايد ئي حاصل ڪري سگھي،جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ، خلاف ڪارروائي جاري آھي پر ان ھوندي بھ ڪراچي ۾ ووٽن جي لحاظ سان پي ٽي آءِڪافي ووٽ ڪٽيندي،ووٽ ڦٽائڻ ۾ جماعت اسلامي بھ ڪا ڪمي نھ ڪندي،جنھن جو فائدو گھڻي ڀاڱي پ پ پ کي ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.