جي يو آءِ جا دوست هٿ کڻن ته مهرباني، نه ته مقابلو ڪنداسين: علي گوهر مهر

سرحد (رپورٽ:اعجاز دايو) عام چونڊون ويجهو ايندي ئي گهوٽڪي ضلعي ۾ چونڊ چهچٽو شروع ٿي ويو، تازو پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندڙ  مهرگروپ سرواڻ سردار علي گوهر خان مهر، سردار علي نواز خان عرف راجا خان مهر پنهنجي اتحادين سيد اصغر شاهه، سيد الهوڌايو شاهه ۽ ٻين کي ساڻ ڪري سرحد ڀرسان سندراڻي هائوس فتح پور پهتا جتي هنن پ پ اڳواڻن مير احسان خان سندراڻي، مير حمزهه خان سندراڻي، مير نويد خان سندراڻي، اتحادين چيف احمد علي ملڪ ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران پ پ اڳواڻن مير احسان خان سندراڻي، ۽ مير حمزهه خان سندراڻي پاران گهوٽڪي جي پي ايس 21 تي پ پ اميدوار سردار علي نواز خان عرف راجا خان مهر سامهون هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري نامزدگي ڪاغذ واپس پڻ ورتا، سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ هو ته پ پ سنڌ مان ڪلين سوئيپ ڪندي ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو، گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪو به ٽف مقابلو ناهي ڏهرڪي، ميرپورماٿيلو، ۽ اوٻاوڙو جي صوبائي تڪن تي پ پ اميدوار سوڀارا ٿيندا، هڪ سوال جي جواب ۾ سردار علي گوهر خان مهر جو چوڻ هو ته گهوٽڪي جي تڪ تي جي يو آءِ اميدوار اليڪشن ۾ هٿ کنيو ته سندس مهرباني ٿيندي نه ته اسان به مقابلي لاءِ تيار آھيون اليڪشن هڪ جمهوري عمل آھي هرڪنهن کي چونڊ وڙھڻ گهرجي، مير احسان خان سندراڻي سان وڏڙن کان وٺي تعلق آھي هن راجا خان مهر جي سامهون هٿ کڻي اسان سان مهرباني ڪئي آھي، مير احسان خان سندراڻي چيو ته پ پ جي اعلى قيادت جي هدايتن سردار علي گوهر خان مهر سردار علي نواز خان مهر جي لنگهي اچڻ تي سندن جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي گهوٽڪي جي صوبائي تڪ تي ڀرايل نامزدگي ڪاغذ پڻ واپس ورتا آھن، ٻنهي تڪن تي پ پ اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.