شفقت محمود ۽ فرخ حبيب چونڊن تان هٿ کڻي ويا، نامزدگي ڪاغذ واپس

لاهور (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ اين اي 130 لاهور ۽ پي پي 170 لاهور تان نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا آهن. هڪ بيان ۾ شفقت محمود چيو ته مون چونڊن کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي ڪنهن به سيٽ تان اميدوار نه آهيان.ٻئي پاسي  استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڳواڻ فرخ حبيب عام چونڊن 2024ع تان هٿ کڻي ويو. ذريعن موجب فرخ حبيب سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿيڻ سبب سمورن تڪن مان ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيا. فرخ حبيب اين اي 101، اين اي 102 ۽ پي پي 114 ۽ پي پي 115 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. واضح رهي ته 2018ع جي گذريل عام چونڊن ۾ فرخ حبيب پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيو هو ۽ هو مملڪتي وزير به هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.