ڪراچي ۾ رجسٽرڊ گاڏين جو انگ 83 لک کان وڌيڪ آهي: آءِ جي ٽريفڪ

ڪراچي (رپورٽر)آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما چيو ته ڪراچي ۾ رجسٽرڊ گاڏين جو انگ 83 لک کان وڌيڪ آهي، جن ۾ 5.8 لک موٽرسائيڪلون به شامل آهن، هر روز لکين ماڻهو سڄي شهر کان صدر ۽ پراڻي شهر جي علائقن ۾ اچن ٿا ۽ شام جو واپسي جو سبب بڻجن ٿا. جنهن ڪري صدر ڏانهن  وڃڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي تمام گهڻي ٽريفڪ هوندي آهي، فيڊريشن آف پاڪستان ۾ لا اينڊ آرڊر ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ جي ٽريفڪ چيو ته ملڪ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ رش ان ڪري وڌيڪ آهي جو هن شهر جي آبادي تمام گهڻي آهي ه۽ تي ٽريفڪ جو وهڪرو انگريزي لفظ V جي صورت ۾ آهي، ان وقت اهو انگ 25 کان 30 هزار هو پر هاڻي رڳو 4 هزار بسون آهن. هن چيو ته واپاري برادري جي سهڪار سان ٽريفڪ جي مسئلن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

پي ٽي آءِ اميدوارن جي فهرست مان عمران خان جو نالو غائب

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، فهرست ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو شامل نه آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا  سيل طرفان جاري ڪيل فهرست موجب، قومي اسيمبلي جي 233 اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته 33 سيٽن تي اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو. تحريڪ انصاف شيخ رشيد جي مقابلي ۾ به پنهنجو اميدوار ميدان ۾ لاٿو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان اين اين 10 بونير تان چونڊ وڙهندو جڏهن ته شير افضل مروت کي اين اي 41 لڪي مروت تان ميدان ۾ لهندو، چڪوال جي تڪ اين اي 58 تان سنييئر صحافي ۽ اڳوڻي ايم اين اي اياز امير کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين 48 اسلام آباد تان علي بخاري، اين اي 49 اٽڪ ون تان ميجر رٽائرڊ طاهر صادق اين اي 50 اٽڪ ٽو تان سندس نياني ايمان طاهر کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. لاهور جي تڪ اين اي 122 تان سردار لطيف کوسو جڏهن ته اين اي 128 تان سلمان اڪرم راجا تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندو. اين اي 151 تان شاهه محمود قريشي ۽ سندس نياڻي مهربانو کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.

نئون سال جو ٻيو هفتو، ٽماٽا، ڪُڪڙ، آنا، بصر ۽ داليون مهانگيون

اسلام آباد (م ڊ) نئين سال جي ٻئي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح تيز، 21 شين جون قيمتون وڌي ويون، خبر موجب نئين سال جي ٻئي هفتي دوران هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 1.36 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح به 44.2 سيڪڙو رڪارڊ سطح تي پهچي  وئي، شماريات واري وفاقي اداري جي رپورٽ مو جب هفتي دوران 21 شين جون قيمتون وڌي ويون، جڏهن ته 8 شين جون قيمتون گهٽ ٿيون ۽ 22 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، رپورٽ موجب هفتي دوران ٽماٽا، ڪُڪڙ، آنا، بصر، ماچيس ۽ دالين سميت ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿيون، ٽماٽن جي قيمت ۾ 15.63 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪُڪڙ جي قيمت ۾ 6.42 سيڪڙو، آنن جي قيمت ۾ 4.31 سيڪڙو، ماش دال جي قيمت ۾ 0.83، چڻن جي دال جي قيمت ۾ 2.11 سيڪڙو، بصرن جي قيمت ۾ 8.94 سيڪڙو، ايل پي جي جي قيمت ۾ 2.29 سيڪڙو ۽ ماچيس جي قيمت ۾ 2.56 سيڪڙو اضافو ٿيو، پٽاٽن جي قيمت ۾ 5.92 سيڪڙو، مڱن جي دال جي قيمت ۾ 0.06 سيڪڙو، کائڻ واري تيل جي قيمتن ۾ 0.17 سيڪڙو، ٿوم جي قيمت ۾ 0.13 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي يو آءِ اميدوار جي اليڪشن ٽربيونل خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف آئيني درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ايس 88جي يو آءِ  ف اميدوار احسان الله  جي اليڪشن ٽربيونل  خلاف درخواست ردڪري ڇڏي، درخواستگذار  چيو تهو تجويز ڪنندڙ ساڳئي تڪ جو نه آهي، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو موجود آهي اوهان جمع ڪرائڻ وقت ان ڳالهه جو خيال نه رکيو ته ساڳئي تڪ جو تجويزڪندڙ هجي.

ميھڙ جي تڪ تي 7 اميدوار هٿ کڻي ويا، لياقت جتوئي ۽ فياض ٻٽ ۾ مقابلو

ميھڙ (رپورٽ : فراز چنا ) اليڪشن ڪميشن ميھڙ ۾ صوبائي تڪ پي ايس 81 جي اميدوارن جي ريٽرننگ آفيسر مولاداد دراني حتمي لسٽ فارم 32 جاري ڪري ڇڏيو آھي، ميھڙ جي صوبائي  تڪ پي ايس 81 تي 26 اميدوارن فارم جمع ڪرايا انھن مان 7 اميدوار هٿ کڻي ويا جڏھن ته 19 اميدوار بيٺل رھيا، جي ڊي اي پاران اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي ، پ پ پ پاران اڳوڻو صوبائي وزير فياض علي ٻ، پي ٽي آءِ پاران عبدالمجيد کوسو، تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران پروين بيگم، ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران طالب حسين پنھور، جماعت اسلامي پاران عبدالله ڏيرو، مسلم ليگ ن پاران محمد اسماعيل سيال ، جي يو آءِ پاران مولانا مسعود احمد پنھور، ايس يو پي پاران سڪندر سوڍر ، جمعيت علماءِ پاڪستان جي ياسين مھيسر پنھنجون پارٽي ٽڪيٽون جمع ڪرائي ڇڏيون آھن ھوڏانھن پ پ پ جي اميدوار فياض علي ٻٽ جو وڏو ڀاءُ امتياز پاشا ٻٽ، پ پ پ اڳواڻ ياسين نبي بخش جتوئي، اڳوڻو ايم پي اي سينئر سياستدان مرحوم قاضي شفيق مھيسر جو ڀائيٽو قاضي عبدالوحيد مھيسر ، احسان علي کوسو ، مدد علي سوڍر، ذوالفقار علي ، شبير احمد منگي ، محمد اسلم چانڊيو ۽ عباس علي فارم 32 تحت آزاد اميدوار طور بيٺل آھن جڏھن ته ميھڙ جي صوبائي تڪ پي ايس 81 تي جي ڊي اي جي اميدوار  اڳوڻي وڏو وزير لياقت علي جتوئي جي حمايت ۾ سندس ڀاءُ اڳوڻي سينيٽر صداقت علي جتوئي ھٿ کنيو. پ پ جي اميدوار فياض علي ٻٽ جي حمايت ۾ اڳوڻي ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر ، پ پ پ تعلقي ميھڙ جي صدر محمود مھيسر ،اڳوڻو ضلع چيئرمين اشرف سولنگي،  اڳوڻو ايم اين اي طلعت اقبال مھيسر ، سردار طفيل احمد مھيسر ھٿ کنيو جڏھن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوار طالب حسين پنھور جي حمايت ۾ محمد خان کوسو به ھٿ کڻي ويو آھي.

لياري ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل نينگري فوت

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾  لياري جي کڏا مارڪيٽ ۾ مسجد اقصي جي ڀرسان گھر ۾ 2 ڏينهن اڳ سلينڊر جي ڌماڪي  ۾ زخمي ٿيل 15 سالن جي ناري نفيسا ڌيءَ ارشاد  سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج جي دوران زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي وئي. ٻئي پاسي سپر ھاءِ وي تي بحريا ٽائون عثمانيا ھوٽل جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 22 سالن جو نامعلوم نوجوان فوت ٿي ويو.

ڪراچي ۾ ڪمپني اندر لفٽ ڪرڻ سبب 12 عورتون زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي انڊس چورنگي الحسن اسٽاپ جي ڀرسان ڊينم ڪمپني جي اندر لفٽ اوچتو ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 12 عورتون زخمي ٿي پيون آهن جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ڇيپا  ايمبولينس جي ذريعي سنڌ گورنمينٽ ادپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي عورتن جي سڄاڻپ صباء زال ساجد علي، رخسار زال خالد ، شمع زال احسن، شازيا زال فرحان، شاھدا زال محمد آصف، حرا زال بلال، سميرا زال اويس، نورين زال خالد، ڪومل زال فيضان، خورشيدھ زال ابراھيم ۽ ارم زال محمد سعيد شامل آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.