فضل الرحمان ۽ ايمل ولي تي آپگهاتي حملي جو منصوبو جوڙيندڙ ٻه دهشتگرد گرفتار

پشاور(م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي تي آپگهاتي حملي جو منصوبو جوڙيندڙ ٻه دهشتگرد گرفتار  ڪيا ويا آهن. پشاور پوليس جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اي اين پي اڳواڻ امل ولي خان تي آپگهاتي حملي جي رٿابندي ڪندڙ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.  ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي آپريشنز سي ٽي ڊي نجم الحسنين چيو ته متني ۾ آپگهاتي بمبار جي موجودگي جي اطلاع هئي، جنهن تي آپگهاتي بمبار کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته گرفتار آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ عادل خان جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار دهشتگرد جي نشاندهي تي اچين مان هڪ ٻئي ساٿي طاهر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.