سکر( ع آ نيوز) پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ اڳرائي اسان نه پر نواز ليگ وارن ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته مسلم ليگ ن سنڌ ۾ اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پ پ مخالفن سان اتحاد ڪيو. خورشيد شاهه چيو ته سياسي دور حڪومت ۾ ملڪ ڪيتري به ترقي نه ڪئي آهي، مارشل لا جي دور ۾ ملڪ جو نقصان ٿيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته 1981ع جي افغان جنگ ۾ کيڏڻ جا نتيجا اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، ان جنگ ۾ کودڻ سبب ملڪ کي 1700 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، ان ڪري پنجاب ۾ نه وياسين ۽ مسلم ليگ (ن) خلاف پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪيو ۽ وقت اچڻ تي نواز شريف جي اڳيان ڍال بڻجي وياسين.