مٽياري ۾ ڪيترائي پيپلزپارٽي اڳواڻ جي ڊي اي ۽ نواز ليگ ۾ شامل

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي)مٽياري ۾ اليڪشن سرگرميون تيز ٿي ويون، پيپلزپارٽي جي ڪيترن ئي اھم اڳواڻ نواز ليگ ۽ جي ڊي  اي جي حمايت ڪري ڇڏي، مٽياري ويجھو بائو ديرو ۾ ابڙا برادري پاران نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ کي مانجھاندو ڏنو ويو، مانجھاندي ۾ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل پي ايس 57 جي اميدوارن وڏيرو شبير ابڙو ۽ نانا نويد سمون برادري سميت نواز ليگ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪندي پي ايس 57 تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ، جي ڊي اي اڳواڻ پي ايس 57 جي اميدوار سيد جلال شاھ جاموٽ جو چوڻ ھو ته پيپلز پارٽي پوئين پندرھن سالن ۾ مٽياري کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي پوئين پندرھن سالن کان ضلعي ھيڊ کي ڪو ميگا منصوبو نه ملي سگھيو آھي صوفي يونيورسٽي سالن کان اڌ ۾ رھي پئي آھي ھالا ۾ 4 ڀيرا ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪرايو ويو پر ڪم شروع نه ٿي سگھيو ڀٽ شاھ ۾ پبلڪ اسڪول 20 سالن کان اڌ ۾ پيل آھي مٽياري جو ھاء اسڪول 12 سالن کان مڪمل نه ٿي سگھيو آھي ھر منصوبو ڪرپشن جي نظر ٿيو وڃي قومي منصوبو سکر حيدرآباد موٽر وي بي ھنن جي ڪرپشن جي نظر ٿي ويو، سيد مشتاق شاهه چيو ته آئون پيپلزپارٽي جو حصو آهيان ن ليگ سان نه پر بشير ميمڻ سان سٺا لاڳاپا آهن اڄ دوست منهنجي عيادت ڪرڻ لاءِ پهتا آهن جن جو شڪر گذار آهيان هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته بشير ميمڻ جي قيادت ۾ آيل دوستن حمايت گهري آهي جن کي دوستن يارن سان مشورو ڪرڻ بعد جواب ڏيندس، ان موقعي تي نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پورو ملڪ ڪرپشن جي نظر چڙهي ويو آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي منشور مان عوام جي ڀلائي وارا سڀ نقطا ڪڍي ڇڏيا آهن هاڻي هڪ ئي منشور اٿن ڪرپشن بس مٽياري ضلعي اندر موٽر وي اسڪينڊل سميت ٻين منصوبن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، سيد مشتاق شاهه منهنجو سينيئر پوليس آفيسر رهيو آهي کيس پنهنجي ٻيڙي ۾ شامل ڪرڻ جو خواهشمند آهيان اميد ڪريان ٿو سيد مشتاق شاهه دوستن يارن سان مشورا ڪري اسان کي هاڪاري موٽ ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.