لڪي مروت ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان شهيد

راولپنڊي (م ڊ) لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان شهيد ٿي ويا، ڪي پي ڪي جي ضلعي لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي  وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بهادري سان وڙهندي 2 فوجي جوان به شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ فورسز موثر طريقي سان ددهشتگردن جي ٿاڪن جو پتو لڳايو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد آفتاب عرف ملنگ، مسعود شاهه مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان وڙهندي 2 جوان سپاهي محمد افضل ۽ سپاهي ابرار حسين شهيد ٿي ويا، مارجي ويل دهشتگردن فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.