متحده پاران اين اي 242  تي نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ترديد

ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي جي اين اي 242  تي نون ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي،ايم  ڪيو ايم  جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اين اي 242  تي نواز ليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي،هن چيو ته اين اي 242  تي مصطفيٰ ڪمال ئي ايم ڪيو ايم جو اميدوار آهي، ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي،گذريل ڏينهن  ذريعن کان اها خبر سامهون آئي هئي ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ تحت مصطفيٰ ڪمال شهباز شريف جي حق ۾ هٿ کڻي ويندو

  • افغانين جي واپسي رياست جي پاليسي آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) سنڌ هاءِ  ڪورٽ سنڌ مان افغانين کي ڪڍڻ بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي کي رڪارڊ جو حصو  بڻائيندي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذار جي وڪيل ساره ملڪاڻي موقف ڏنو ته سپريم ڪورٽ هڪ درخواست تي ڌرين کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ نوٽيس نه شايد معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي کي اماڻيو آهي. درخواست گذار سپريم ڪورٽ ڪارروائي جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. درخواست  گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته چيف جسٽس کي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش  ڪئي وئي آهي. پر اڃان بينچ ناهي جوڙي وئي، اسان هن درخواست  ۾ سنڌ صوبائي حڪومت کي ڌر بڻايو آهي. هي عدالت سنڌ حڪومت کان پڇا ڪري سگهي ٿي ته افغاني شهرين کي ڪڍڻ لاءِ ڪهڙو  مڪينيزم بڻايو ويو آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته جڏهن سپريم ڪورٽ هن معاملي کي ڏسي رهي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي، درخواستگذار موقف ڏنو ته سنڌ ۾ حڪومت نگران آهي اها فيصلو نٿي ڪري سگهي. افغانين کي ٻڌڻ جو حق ڏيڻ گهرجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم نامو جاري ڪري سگهي ٿي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته افغانين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو رياستي پاليسي ميٽر آهي. عدالت پاليسي ميٽر ۾ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي، عدالت سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي کي حصو بڻائڻ لاءِ ٻڌڻي 2 هفن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • ڪراچي پوليس جي مقابلي ۾ لياري گينگ وار  جا 2 مک جوابدار هاف فراءِ

ڪراچي (رپورٽر ) لياري گينگ وار جا 2 مک جوابدار ھاف فرائي، سندن جو هڪ ساٿي فرار ،ڪراچي پوليس لياري گينگ وار ملائشيا ۽ مسقط اومان مان نيٽ ورڪ آپريٽ ڪندڙ  لياري گينگ وار وصي الله لاکو شڪيل بادشاھ خان جي گرفتاري لاءِ هن وقت تائين انٽرپول ذريعي گرفتاري لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا، ڪراچي سٽي ڊسٽرڪٽ پوليس ڪارروائي ڪندي لياري گينگ وار شڪيل بادشاھ خان گروپ جي  ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي سٽي ڊسٽرڪٽ امجد حيات موجب گارڊن ۽ بغدادي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار خدا بخش کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار شڪيل بادشاھ خان گروپ کي لاءِ ڪم ڪندو هو ملائشيا مان ملندڙ هدايتن تي ڀتو وصول ڪندو هو جوابدار کان هٿيار هينڊ گرنيڊ پڻ هٿ ڪيا ويا آهن جوابدار شڪيل بادشاھ خان جو مک ڪارندو آهي جوابدار مٿان دهشگردي ۽ قتل جا ڪيس داخل ٿيو آهن،  جڏهن ته گارڊن پوليس پڻ وصي الله لالو جي مک ڪارندي ڪبير کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار وٽان هٿيار هينڊ گرنيڊ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي ٻنهي زخمي جوابدارن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو آهي جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته لياري ۾ هن وقت ٻيهر  ڀتاخوري شروع ٿي وئي آهي لياري ۾ هن وقت واپاري دڪاندارن جو ڀٽي جون پرچيون ملي رهيون آهن ٽمبر مارڪيٽ ۾ هڪ واپاري کي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيو، ڪراچي پوليس ۽ نگران حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان لياري گينگ وار جي جوابدارن جي انٽرپول ذريعي گرفتار لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون آهن .

  • نگران وزيراعظم اسرائيل جي سفير جو ڪردار پيو ادا ڪري: حافظ حسين

ڪوئيٽا(م ڊ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ حافظ حسين احمد چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مبينه طور تي  اسرائيل جي اڻ اعلانيل سفير جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ حافظ حسين احمد چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ باني پاڪستان جي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ واري فرمان تي تنقيد ڪرڻ کان به نه شرمايو.حافظ حسين احمد چيو ته افغانستان جي مسئلي ۾ اسان کي جنهن طريقي سان ڪردار ادا ڪيو ويو اهو هڪ خوفناڪ ۽ تلخ تجربو هو.هن چيو ته جن ملڪ کي آمريڪي خوشنودي جو اوزار بڻايو انهن اڄ ملڪ کي بربادي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

  • پهريون ڀيرو پاڪستاني سياست منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي:شيخ رشيد

راولپنڊي(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پهريون ڀيرو پاڪستان جي سياست منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي.شيخ رشيد احمد ۽ شيخ راشد شفيق دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج اعجاز آصف جي عدالت ۾ پيش ٿيا. شيخ رشيد احمد جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي  عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 15 جنوري تي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿيندي.عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ شيخ رشيد صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 13 تاريخ تائين صورتحال واضح ٿي ويندي. چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون ۽ عوام وڌ کان وڌ ووٽ وجهي چونڊن ۾ حصو وٺندو. انشاءَالله اسان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

  • پي ٽي آءِ کي چونڊ نشان جو معاملو، اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس طلب

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي)  جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو. عدالتي فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جو اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو. ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اجلاس صبح جو اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ڪندو. اجلاس ۾ ڪميشن جا چارئي ميمبر ۽ خصوصي سيڪريٽري شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي غور ڪيو ويندو ۽ اليڪشن ڪميشن جو لا ونگ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت قانوني نقطن تي ڪميشن کي بريفنگ ڏيندو.

  • فضل الرحمان جي طالبان جي امير هيبت الله اخوند زاده سان ملاقات

ڪراچي (م ڊ) افغانستان جي دوري تي ويل جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان طالبان جي  امير هيبت الله اخوند زاده سان ملاقات ڪئي، طالبان جي امير ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات جي افغان عملدارن تصديق ڪري ڇڏي آهي، افغان عملدارن افغانستان ۾ ملاقات جي مقام ۽ شريڪ ٿيندڙن بابت نه ٻڌايو، ان کان اڳ 8 جنوري تي فضل الرحمان افغانستان جي وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند سان به ملاقات ڪئي هئي، ان موقعي تي فضل الرحمان افغان وزيراعظم کي چيو ته ٻاهرين قبضي خلاف امارت اسلاميه کي عظيم فتح حاصل ٿي.

  • ميرپورخاص ۾ نينگر سان بدفعلي،اهلڪار سميت 2 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

ميرپورخاص(رپورٽ:صالح اوٺو)ميرپورخاص جي علائقي ٿامس آباد جي رهواسي 15ورهين جي نينگر عبدالرحمان قريشي سان پوليس اهلڪار  سميت ٻن وحشي صفت جوابدارن پاران بدفعلي ڪرڻ جو ڪيس نينگر جي والد محمود قريشي جي فرياد تي پوليس اهلڪار عبدالحڪيم ڪيريو ۽ ادريس خلاف مهراڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.