آمر مشرف جي سزا بحال، سزا معطل ڪندڙ جج جي استعيفيٰ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ مان آمر مشرف جي سزا بحال ٿيڻ واري فيصلي تي ” ٽاڪ شاڪ “ پروگرام ۾ ناميارن صحافين  اعزاز سيد، آصف بشير ۽ فخر دراني تبصرو ڪندي چيو ته تاريخ ۾ اڄ  جو ڏينهن ان ڪري اهم هوندو ته اتفاق سان جنهن خاص عدالت آمر مشرف کي سزا ڏني هئي، ان خاص عدالت کي جسٽس مظاهر علي نقوي غير قانوني قرار ڏئي آمر جي سزا جو فيصلو اڏائي ڇڏيو هو. اڄ  ان جسٽس مظاهر نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ته ٻئي طرف ساڳي ئي ڏينهن سپريم ڪورٽ آمر مشرف جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيوآهي، اعزاز سيد سوال ڪيو ته ڇا آمر مشرف جو لاش ڊي چوڪ تي ٽنگيو ويندو. ان سوال جي جواب ۾ صحافي آصف بشير چيو ته اهو فيصلو اڪثريتي نه هو صرف جسٽس سيٺ وقار جو اختلافي نوٽ هو. ان ڪري ان تي عمل نه ٿيندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 11 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.