جسٽس مظاهر مقابلي بدران ڀڄي جان ڇڏائي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي نقوي ڪرپشن الزامن جو مقابلو ڪري ڪوڙو ثابت ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏئي ڀڄي جان ڇڏائي آهي، نامياري صحافي مطيع الله جو چوڻ آهي ته جڏهن موجوده چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ان جي گهر واري سيرينا عيسيٰ خلاف جڊيشل  ڪائونسل ۾ عمران خان ريفرنس داخل ڪرايو هو ته ان وقت جسٽس جي حيثيت ۾ قاضي فائز عيسيٰ  ۽ سيرينا عيسيٰ ڄمي مقابلو ڪيو هو ۽ لڳل الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري فتحياب ٿيا هئا. ان جي ابتڙ جسٽس مظاهر علي نقوي جيڪو عمراندار جج طور پڻ مشهور هو ان پاڻ تي لڳل الزامن کي ڪوڙو  ثابت ڪرڻ بدران استعيفيٰ  ڏئي اڻ سڌي طرح  اهو  اعتراف ڪيو آهي ته مٿس لڳل ڪرپشن الزام درست آهن، ڇاڪاڻ ته مٿس لڳل الزامن جا اهڙا ٺوس ثبوت  موجود آهن جن کي غلط ثابت ڪرڻ ناممڪن آهي، هاڻي جسٽس  مظاهر نقوي جي پينشن ۽ مراعتون بچي ويون. سوال  آهي ته ڇا هاڻي جسٽس مظاهر خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، ڇا استعيفيٰ ڏيڻ سان هو سمورن  الزامن کان آجو ٿي ويو. جيڪڏهن جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي ته ڇا نيب ، ايف بي آر ۽ ٻيا ادارا  ڪرپشن جي جاچ ڪري ناجائز طريقي سان گڏ ڪيل رقم جسٽس  مظاهر کان واپس وٺي سرڪاري خزاني ۾ جمع نه ٿي ڪرائي سگهجي. اهڙا اڪيچار سوال ٻيا به موجود آهن جيڪي جواب طلب آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 11 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.