پي ٽي آءِ، اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
انٽرا پاسٽي اليڪشن ۽ بيٽ واري چونڊ نشان جي بحالي واري معاملي تي عدالتي حڪمن باوجود عمل نه ڪرڻ تي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، سيڪريٽري ۽ ميمبرز کي ڌر بڻايو ويو آهي.
قاضي انور ۽ شاهه فيصل الياس جي ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي حڪمن باوجود اليڪشن ڪميشن اڃا تائين پي ٽي آءِ کي سرٽيفڪيٽ جاري ناهي ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي به پارٽي سرٽيفڪيٽ شائع ناهي ڪيو ويو.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن عدالتي فيصلي کان باخبر آهي، عدالت جي واضح حڪمن باوجود ڌريون پي ٽي آءِ جي عام چونڊن جي رستي ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن جو اِهو عمل توهينِ عدالت جي ذمري ۾ اچي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.