مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جودورو، پرڏيهي کاتي جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته حڪومت مولانا فضل الرحمان جي افغانستان جي دوري کي سپورٽ ناهي ڪري رهي، افغانستان جي دوري تان واپسي تي کائنس بريفنگ وٺنداسين.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي، ڪانفرنس ۾ ستر کان وڌيڪ وفدن شرڪت ڪئي.
ترجمان موجب، ڪانفرنس ۾ نگران پرڏيهي وزير مستقبل وبائي بيمارن خلاف عالمي ڀائيواري تي روشني وڌي، ڪانفرنس جي پڄاڻي اڄ اسلام آباد ۾ پڌرنامي سان ٿيندي.
غزا جي صورتحال تي ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا پاران اسرائيل خلاف عالمي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ واري عمل کي ساراهي ٿو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
سندس چوڻ هوته پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا جي قانوني عمل کي وقتائتو سمجهي ٿو ۽ غزا ۾ فوري جنگ بندي ۽ فلسطينين جي قتل عام روڪرائڻ جو مطالبو ڪري ٿو.
ڪشيمر مسئلي تي گفتگو ڪندي ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته 70 سالن کان ڀارت ڪشميرين جي حق خوداراديت کان انڪار ڪري رهيو آهي، ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا جو ڪتاب ناهي پڙهيو پر اجي بساريا جي بيان بابت ميڊيا رپورٽ ڏٺي آهي ته پلواما حملو سياسي ڊرامو هو، هڪ پروفيشنل سفير طرفان اهڙو بيان حيران ڪندڙ آهي، جيڪو ڀارت جي فسطائي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو.
جي يو آءِ وفد جي افغانستان جي دوري بابت سوال تي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان ذاتي حيثيت ۾ افغانستنا ويو آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان جي دوري کي سپورٽ ناهي ڪري رهي.
هن وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان جي دوري ۽ ملاقاتن تي ڪو به تبصرو نه ڪنداسين،هي هڪ ذاتي دورو آهي، دوري کانپوءِ کائنس بريفنگ وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.