پي ٽي آءِ کي ”بيٽ“ جو چونڊ نشان واپس ڪرڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن، پي ٽي آءِ جو بيٽ وارو چونڊ نشان بحال ڪرڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئيلنج ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن جي اپيل کي ڊائري نمبر 657 الاٽ ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي خلاف آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس ۾ ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو هو جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ کي بيٽ وارو چونڊ نشان واپس ملي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.