جيڪو پاڪستان جو قانون نه ٿو مڃي هتان نڪري وڃي: نگران وزيراعظم

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪر چيو آهي ته جيڪو پاڪستان جو قانون نه ٿو مڃي اهو هٿان نڪري وڃي.
گورنر هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخوا پوليس دربار جي تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪي پي پوليس جي جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو، پوليس جي شهيدن جا وارث ڪي معمولي نه تمام وڏا ماڻهو آهن، مان هڪ قرضي جي حيثيت ۾ هتي آيو آهيان.
هن چيو ته اوهان ماڻهن جو مون مٿان تمام وڏو قرض آهي، ڪڏهن ڪڏهن اسان اوهان جي اِها مالي مدد نه ڪري سگهندا آهيون جيڪا ڪرڻ گهرجي ها.
نگران وزيراعظم دهشتگردن بابت ڳالهائيندي چيو ته اِهي ڪِريل ۽ بزدل آهن جن شهر ۾ ٻارن کي قتل ڪيو، هو اسلام جي نالي تي ماڻهن کي ڊيڄاريندا آهن، الله زندگي ۽ موت جو فيصلو پنهنجي هٿ ۾ رکيو آهي، اسان تي ڏهه حملا ڪندا اسان کين هزار ڀيرا جواب ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، انهن بيغيرتن کي رحم نه آيو، اسان دهشتگردن کان ڊڄڻ وارو ناهيون، اسان سڀ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون، اسان ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪامياب ٿي چڪا آهيون ۽ ڪاميابين جو اِهو سفر جاري رکڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.