پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي راڄڌاني سميت پنجاب، ڪي پي ۽ آزاد ڪشمير جي ڪيئي شهرن م زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
لاهور، پشاور، سوات سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ تي خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6.0 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جو جابلو سلسلو آهي ۽ اونهائي 213 ڪلوميٽر هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.