پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني گلن جي سيج ناهي: شاهد آفريدي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته گرين شرٽس جي قيادت ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي پر ڪپتاني گلن جي سيج نه آهي.
سوشل ميڊيا تي شاهد آفريدي جي انٽرويو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان طرفان کائنس پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني بابت سوال ڪيو، جنهن جواب ۾ شاهد آفريدي چيو ته پاڪستان قيادت وڏو اعزاز آهي.
سندس چوڻ هو سدائين چوندو آهيان ته پاڪستاني ٽيم جي قيادت ڪرڻ سولو نه آهي اِها گلن جي سيج ناهي.
اڳوڻي ڪپتان پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٽيم سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي يا ڪجهه به ٿئي سموري ذميواري ڪپتان تي وڌي ويندي آهي، انڪري چوندو آهيان ته هڪ ڪپتان جون ذميواريون وڌيڪ آهن.
هن چيو ته ميڊيا، سليڪشن ڪميٽي، بورڊ ۽ ڪرڪيٽ شوقين سڀني کي هڪ ڪپتان ئي منهن ڏيندو آهي، جيتوڻيڪ انهن سڀني کي منهن ڏيڻ مشڪل آهي پر جيڪڏهن اوهان وٽ سٺي مئنيجمينٽ هجي ته سموريون ذميواريون سٺي طريقي سان ادا ڪري سگهو ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.