پاڪستان دنيا جي بهترين ٽيم آهي: ڪين وليمسن

آڪلينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن پاڪستان ٽيم کي دنيا جي بهترين ٽيم قرار ڏئي ڇڏيو.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.
پنهنجي بيان ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي هڪ بهترين ٽيم آهي جنهن خلاف کيڏڻ هڪ شاندار موقعو هوندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان، نيوزيلينڊ جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ ڪرڪيٽ شوقينن کي ڀرپور مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته گرين شرٽس مضبوط مخالف آهي، پاڪستاني رانديگرن لاءِ اِها سيريز هڪ سٺي تابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.