دنيا جي بهترين اڏامندڙ ڪار تيار

هونئن ته اڏامندڙ گاڏيون ٺاهڻ لاءِ مختلف ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن پر هيل تائين ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي.
پر چين جي هڪ خانگي ڪمپني Xpeng کي اميد آهي هن جي اڏامڻ جي صلاحيت رکندڙ گاڏي جلد عام ماڻهن کي دستياب هوندي.
لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو (سي اِي ايس) جي موقعي تي ان گاڏيءَ کي متعارف ڪرايو ويو جنهن جي ڊزائين دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.
ڪمپني پاران ان فلائنگ ڪار جي بڪنگ هلندڙ سال جي آخر ۾ شروع ڪئي ويندي جڏهن ته اها واهپيدارن کي 2025ع ۾ ڪنهن به وقت دستياب هوندي.
اها زمين تي ڊوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي جنهن جنهن جا پروپيلز يا پر گاڏيءَ جي اندر لڪيل آهن.

Incredible plan for flying SUPERCAR that transforms into giant drone-like  helicopter with folding wings and rotors | The Sun
ڪمپني موجب ان گاڏيءَ سان هجوم وارن علائقن مان اڏامي سفر ڪرڻ ممڪن هوندو.
سي اي ايس ۾ ته ان گاڏي کي هوا ۾ نه اڏاريو ويو پر اهو ضرور ڏيکاريو ويو ته ڪيئن گاڏيءَ جا پروپيلرز ٻاهر نڪرن ٿا.
اها گاڏي ڪنهن ڊرون جيان ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جي صلاحيت رکي ٿي.
ڪمپني ٻڌايو ته جڏهن ان جا پر گاڏي جي اندر هوندا آهن ته ان کي رود تي ڊوڙائي سگھجي ٿو ۽ جن علائقن ۾ ٽريفڪ جام هوندي، اتان اها اڏامي سگھندي، پر ائين مقامي ايويئيشن قانونن سان مشروط هوندو.
ٻن سيٽن واري ان گاڏيءَ جي اندر ڊوئل موڊ ڪاڪ پٽ موجود آهي.

This flying car at CES is something you need to see - Transportation
ڪمپني جي شريڪ باني Xpeng Aeroht ٻڌايو ته هر فرد اڏامڻ چاهي ۽ ڀرپاسي جو بهترين نظارو ڪرڻ چاهي ٿو.
هن ٻڌايو ته اها گاڏي ٻن حصن تي ٻڌل آهي، هڪ فلائنگ موڊيول جنهن سان اڏامڻ ممڪن آهي جڏهن ته ٻيو 6 وهيل موڊيول جيڪو روڊ تي سفر ڪرڻ لاءِ آهي.
ان گاڏيءَ کي سڀ کان پهريان چين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو جتي ان جي قيمت 10 لک يو آن رکي ويندي.
حقيقت ۾ اها گاڏي اهڙن ماڻهن کي وڪرو ڪئي ويندي جيڪي جهاز اڏائڻ جو تجربو رکندا هوندا.
في الحال ان گاڏي جي جا وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن تنهنڪري اهو ٻڌائڻ ڏکيو آهي ته اها اڏامندي ڪيتري رفتار سان سفر ڪري سگھي ٿي ۽ ڪيترو مفاصلو طئي ڪري سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.