کٽيون ته واهه واهه، هارايون ته ڪير به سپورٽ ناهي ڪندو: شاهين آفريدي

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چوڻ آهي ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي بهترين آهي ۽ رهندي.
نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان پهرين پريس ڪانفرنس دوران ڪپتان شاهين آفرييدي بابر اعظم جي ڪارڪردگي بابت گفتگو ڪئي.
هن چيو ته کيس نه ٿو لڳي ته بابر اعظم فارم ۾ ناهي، هن ايتريون رنسون ٺاهيون آهن جو مان ڳڻي به نٿو سگهان، تنهنڪري سندس هڪ ٻن خراب اننگز سان ڪو فرق نٿو پوي.
شاهين آفريدي چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ 17 ٽي ٽوئنٽي ميچون آهن، دوري دوران مختلف ڪامبينيشن ٺاهينداسين ته ڪير ڪهڙي جاءِ تي بهتر کيڏي رهيو آهي جڏهن انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ وينداسي ته سڀني خبر هوندي ڪنهن کي ڇا ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان سٺو کيڏي رهيو آهي، ٽي ٽوئنٽي جي وڏن ايونٽن ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي پر بدقسمتي سان انهن ايونٽن ۾ اِهي نتيجا ناهن مليا جيڪي ملڻ گهرجن ها.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي ڪپ ۾ ڪارڪردگي سٺي نه رهي پر سڀ کان وڌيڪ سپورٽ شڪست ان وقت گهربل هئي، کٽڻ تي سڀ واهه واهه ڪندا آهن هارائڻ تي به سپورٽ ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.