پاڪستان جو نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ چار فاسٽ بالر لاهڻ جو فيصلو

آڪالينڊ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪئي وئي آهي.
ٽرافي جي مهورتي تقريب ۾ پاڪستاني ڪپتان شاهين آفريدي ۽ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ خلاف آڪلينڊ ۾ شيڊيول پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
ذريعن موجب، پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شاهين آفريدي جي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم چئن فاسٽ بالرن سان ميدان ۾ لهندي، ڪپتان شاهين کانسواءِ حارث رئوف ۽ زمان خان سان گڏ چوٿون فاسٽ بالر عامر جمال هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ليگ اسپنر اساما مير تي محمد نواز کي ترجيح ڏني ويندي جڏهن ته صائم ايوب وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان سان اننگز جي شروعات ڪندو.
ذريعن موجب، اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ون ڊائون پوزيشن تي کيڏندو، فخر زمان چوٿين نمبر تي کيڏڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم خان يارنهن رڪني ٽيم شامل ٿيو ته وڪيٽ ڪيپر طور کيڏندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ٻارنهن جنوري جمعي جي ڏينهن آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي، شاهين آفريدي پهريون ڀيرو پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.