جسٽس مظاهر جو معاملو هوا ۾ نٿا ڇڏي سگهون، اسان جي ساک به خطري ۾ پئي: جڊيشل ڪائونسل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي پر سپريم جڊيشل ڪائونسل کيس صفائي جو هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته معاملي کي هوا ۾ نٿا ڇڏي سگهون، استعيفيٰ سان سپريم ڪورٽ جي ساک خطري ۾ پئي.
صدر جسٽس مظاهر نقوي جي استعيفيٰ وزيراعظم جي ايڊوائس تي آئين جي آرٽيڪل 179 تحت منظور ڪئي، سپريم ڪورٽ ۾ هاڻ ٻن ججن جون جايون خالي ٿي ويون آهن.
اڄ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪائونسل چيو ته جيڪڏهن مظاهر نقوي جي وڪيلن وقت گهريو ته شڪايت ڪندڙن کي ٻڌي سگهجي ٿو، مظاهر نقوي چاهي ته ڪائونسل ۾ سڀاڻي پيش ٿي پنهنجو موقف ڏئي سگهي ٿو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کي چيو ته جيڪڏهن جسٽس (ر) مظاهر نقوي عدالت کان وقت گهريو ته اسان شاهدن کي تيستائين ٻڌي وٺنداسين، جج ۽ سپريم ڪورٽ جي ساک جو سوال آهي.
قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان هتي پنهنجي خدمت لاءِ ناهيون ويٺا، اسان هتي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون، سپريم ڪورٽ سميت سمورا ادارا عوام کي جوابده آهن، جيڪڏهن اهي شيون سڀني سکي ورتيون ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي گوڙ هو ته ڇا اسان ايترا برا آهيون؟ سپريم ڪورٽ جي ساک به ته خطري ۾ پئي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جج استعيفيٰ ۾ لکيو ته پبلڪ ۾ معاملن سبب ڪم جاري نٿو رکي سگهي، ان سان تاثر اهو ملندو آهي ته ڄڻ جج کي انصاف جي اميد نه هئي يا هتي ڪو ڊريڪونين سسٽم هلي رهيو آهي، ان معاملي کي ڏسڻو پوندو، معاملي کي هوا ۾ نٿا ڇڏي سگهون ته جج استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.