بابر تي قسمت جي ديوي مهربان، آسٽريليا مان آڇون اچڻ لڳيون

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم سان ڪرڪيٽ وڪٽوريا معاهدي جي خواهش جو اظهارڪري ڇڏيو، معاهدي لاءِ بابر اعظم ۽ ڪرڪيٽ وڪٽوريا وچ ۾ ابتدائي ڳالهه ٻول پڻ ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ڪرڪيٽ وڪٽوريا اڳوڻي ڪپتان سان معاهدي جي خواهشمند آهي جنهن لاءِ بابر اعظم کي بِگ بيش ۽ اسٽيٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، ڪرڪيٽ وڪٽوريا اڳوڻي ڪپتان کي ڊگهي فارميٽ لاءِ ڪانٽريڪٽ ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ وڪٽوريا جي ميلبورن ۾ بابر اعظم سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ کيس ميلبورن اسٽار يا رينيگيڊز طرفان اوپننگ ڪرن جي آڇ ڪئي وئي.
ڪرڪيٽ وڪٽوريا جي ذريعن موجب خواهش آهي ته بابر اعظم اسان لاءِ ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏي، ٻئي پاسي بابر اعظم معاهدي مشروط راضپي جو اظهارڪيو آهي، بابر جواب ڏنو آهي ته هو هلندڙ سال سپٽيمبر کان جنوري تائين پاڪستان ٽيم جو شيڊيول ڏسي فيصلو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.