آرٽ جي نموني جهڙو انوکو سولر پينل تيار

ڏسڻ ۾ ڪنهن آرٽ جيان نظر ايندو اها شيءِ حقيقت ۾ اوهان کي بجلي جي بحران کان بچائي سگھي ٿي.
جي ها اهو هڪ گلاس سولر پينل آهي جيڪو ڏسڻ ۾ روايتي سولر پينلز کان مختلف ۽ خوبصورت آهي.
اهو گلاس پينل سج جي روشني کي بجلي ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاهيت رکي ٿو.
جاپاني ڪمپني inQs ان سولر پينل کي تيار ڪيو آهي.
ايس ڪيو پي وي ٽرانسپيرنٽ سولر ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري اهو انوکو گلاس سولر پينل تيار ڪيو ويو آهي.
ظاهري طور تي عام نظر ايندر اهو رنگين شيشو ڀرپاسي جي روشني کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.
ان سولر پينل کي لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو سي اي ايس دوران پيش ڪيو ويو.
ڪمپني موجب ڪلر گلاس کي به سولر پينل جي طور تي استعمال ڪري سگھجي ٿو.
ڪمپنيءَ بڌايو ته ان پينل جي ٽيڪنالاجي تمام سادي آهي ۽ اهو ٽرانسپيرنٽ سليڪون ڪوارٽرز کي استعمال ڪري روشنيءَ جي توانائي کي اليڪٽرونز ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو جنهن سان مشينن کي هلائي سگھجي ٿو.
inQs جي چيف انٽرنيشنل آفيسر Rike Wootten ٻڌايو ته اسان جي ڊوائيس تمام سادي آهي.
هن چيو ته ان پينل کي سولائيءِ سان ملندڙ مٽيريلز مان تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ موجود گلاس پينل کي سولائيءَ سان تلف ڪري سگھجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته روايتي سولر پينلز کي ري سائيڪل ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي.
في الحال اهو انوکو گلاس سولر پينل رڳو جاپان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.