لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي مدي ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.وفاقي حڪومت مسنگ پرسنز  ڪميشن جي مدي ۾ واڌ جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب ڪميشن جي مدي تا حڪم ثاني تائين جي واڌ ڪئي وئي آهي.2011ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي دور حڪومت ۾ مسنگ پرسنز ڪميشن قائم ڪئي وئي هئي ۽ ماضي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جو مدو 6 مهينن کان وڌائي 3 سال ڪيو ويو هو.گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن ٽن ماڻهن تي مشتمل آهي، ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال آهي، جڏهن ته ميمبرن ۾ جسٽس (ر) ضياءَ پرويز ۽ اڳوڻو آءِ جي شريف ورڪ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.