باجوا احتجاج نه ڪرڻ جي بدلي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جو واعدو ڪيو: عمران خان

راولپنڊي( م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته رجيم چينج خلاف احتجاج بند ڪرڻ جي بدلي ٻه ڀاڱي ٽي سان اڪثريت ڏيارڻ جو واعدو  ڪيو هو. عليمه خان ذريعي ڏنل بيان ۾ عمران خان چيو ته آگسٽ 2022ع ۾ باجوا مون کي گهرائي رجيم چينج خلاف تحريڪ بند ڪرڻ جو چيو. ان جي بدلي ۾ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ڏيارڻ جي آڇ ڪئي. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته عمران خان مون کي پيغام موڪليو هو ته مون کي آگسٽ 2022ع ۾ جنرل باجوا گهرائي احتجاج بند ڪرڻ جو چيو هو ۽ چيو ته حڪومت تبديل ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، جيڪڏهن توهان احتجاج بند ڪيو ته پوءِ احتجاج ڪيو. پوءِ ٻه ٽيون اڪثريت ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.