دهشتگرد جيتريون ڪارروايون ڪندا، سندن خلاف ايتري ئي تيزي ايندي

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته  رياست  شهيدن جي وارثن کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگرد جنهن قدر  بزدلياڻيون ڪارروايون ڪندا سندس خلاف جنگ ۾ اوتري تيزي ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي عزم کي هارائي نٿا سگهن. اربع تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدار هيٺ نگران وفاقي ڪابينا ۾ ڪيو.  اجلاس ۾ باجوڙ ۾ پوليو  ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن جي  حملي  جي سخت مزمت ان جي نتيجي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن لاءِ فاتح پڙهي وئي ۽ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن اسان جي ايندر مستقبل لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو. ڪابينا جبري گمشدگين بابت ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني. ڪابينا ايف ڊي اي جي  227 ڊيلي ويجرز کي ريگيولر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نگران وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ڪابينا ايف ڊي اي جي 227 ڊيلي ويجر کي ريگيولر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجوب  مدد علي سنڌي ڊيلي ويجرز جي  وفد سان ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته ان جا مسئلا  اوليتي بنيادن تي حل  ڪيا ويندا. هن چيو ته ڪابينا 227 ڊيلي ويجرز کي ريگيولر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي  ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.