ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان جان اچڪزئي هڪ ڀيرو وري گمشدگين خلاف احتجاج ڪندڙن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو گم ٿيل ماڻهن جي نالي رياست مخالف مهم هلائي رهيا آهن. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جان اچڪزئي چيو ته گم ٿيل واپس اچي رهيا آهن، انهن جي نالي تي ملڪ مخالف مهم ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ صرف 820 ماڻهو گم ڪيل آهن. جان اچڪزئي چيو ته گم ٿيلن جا 8هزار ڪيس حل ڪيا ويا آهن.