اسلام آباد(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته هن احتجاجي ڌرڻي دوران بلوچستان مان 40 ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي، ڪالهه اربع ڏينهن اسلام آباد پريس ڪلب آڏو پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته رياست جي سنجيدگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 48 ڏينهن هتي ويهڻ باوجود رياست جو ڪو نمائندو يا ترجمان اسان وٽ نه آيو ۽ نه ئي ڳالهايو. هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن اڳ تمپ جي سرحدي علائقي مان ٻن ڄڻن کي لاپتا ڪيو ويو،.هن وڌيڪ چيو ته تونسه شريف مان 2 سياسي ڪارڪنن کي اربع جي صبح 8 وڳي کنڀيو ويو. اسان انهن لاءِ تمام گهڻو پريشان آهيون ڇو ته اهي پنهنجي علائقي ۾ احتجاجي ڪيمپ سان يڪجهتي لاءِ مارچ منعقد ڪري رهيا هئا، جيڪو اڄ تونسه شريف ۾ منعقد ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته اسان گڏيل قومن جي انساني حقن بابت نمائندي مري لالورهوڊس ۽ هن جي ساٿين کي پرامن مظاهرين خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون، اسان خلاف ناڪاري ميڊيا مهم،بلوچ لاپتا ماڻهن بابت نگران وزيراعظم جي چٿر وارن رمارڪس بابت اگاهه ڪيو، هن خاطري ڪرائي ته اسان صورتحال کي لڳاتار مانيٽر ڪري رهيا آهيون