تربت(م ڊ) تربت ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب مسلم ليگ ن جو قومي اسيمبلي اميدوار اسلم بليدي زخمي ٿي پيو. اڳوڻو سينيٽر ۽ مسلم ليگ ن جو قومي اسيمبلي جو اميدوار اسلم بليدي بلوچستان جي شهر تربت ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو. ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ حسين جان موجب تربت شهر جي مين روڊ تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسلم بليدي زخمي ٿي پيو، کيس ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، طبي امداد بعد ڪراچي منتقل ڪيو ويو.