سپريم ڪورٽ پاران ڊڪٽيٽر مشرف کي موت جي سزا جو خاص عدالت جو فيصلو برقرار

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل خارج ڪندي خاص عدالت جو فيصلو برقرار رکندي موت جي سزا جو فيصلو برقرار رکيو.اڳوڻي صدر پرويز مشرف بابت ڪيسن جي ٻڌڻي  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪئي، جنهن منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله بئنچ ۾ شامل آهن.درخواستگذار جي وڪيل حامد خان پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پرويز مشرف سزا خلاف اپيل داخل ڪئي، جيڪا ڪرمنل اپيل آهي، اسان جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ جي سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف آهي، جيڪو آئيني معاملو آهي، ٻنهي اپيلن کي الڳ الڳ ڪري ٻڌو وڃي.چيف جسٽس چيو ته موجوده ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو اختيارن جو دائرو ۽ اپيل ٻه الڳ معاملا آهن، اڳ ۾ پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر کي ٿا ٻڌون.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل جي مخالفت ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان کان پڇاڻو ڪيو ته توهان پرويز مشرف جي اپيل جي مخالفت ڪري رهيا آهيو يا حمايت؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته پرويز مشرف جي اپيل جي مخالفت ڪري رهيا آهيون.پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر خاص عدالت جي سزا خلاف اپيل تي دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف جي وارثن جي غير موجودگي ۾ وڪيل کي نٿا ٻڌي سگهون، مفروضن جي بنياد تي فيصلا نه ٿيڻ گهرجن، وارثن جي حق لاءِ ڪو در بند نٿا ڪرڻ چاهيون، عدالت 561 اي جو سهارو ڪيئن وٺي سگهي ٿي؟وڪيل سلمان صفدر چيو ته هن عدالت جي قدمن کي ساراهيان ٿو پر پرويز مشرف جا وارث پاڪستان ۾ نٿا رهن، 5 فيبروري 2023 ۾ پرويز مشرف جو لاڏاڻو ٿي ويو، پرويز مشرف جي گهر ڀاتين کي ڪيترائي پيغام موڪليا پر ڪو جواب وصول نه ٿيو.جسٽس اطهر من الله چيو ته آرٽيڪل 12 تحت مشرف سان ملوث سڀني ماڻهن خلاف عدالتي در ته کليل آهن، جنهن تي سلمان صفدر چيو ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۾ پرويز مشرف اڪيلو ملوث نه هو، ان وقت جو وزيراعظم، قانون وارو وزير، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا جج به ملوث هئا، پرويز مشرف کي ٻڌڻ بنا خاص عدالت سزا ڏني، هڪ شخص کي سڄي ملڪ سان گڏ قدم تي الڳ ڪري سزا ڏني وئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن 1999 جي ايمرجنسي جي جاچ ٿئي ها ته 3 نومبر جو قدم نه کڄي ها.سپريم ڪورٽ سڀني ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ خاص عدالت جو پرويز مشرف خلاف موت جي سزا جو فيصلو عدم پيروي تي برقرار رکندي چيو ته پرويز مشرف جي وارثن ڪيترن ئي نوٽيسن باوجود ڪيس جي پيروي نه ڪئي، پرويز مشرف جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو خاص عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو قانون جي ابتڙ هو. واضح رهي ته 19 ڊسمبر 2019 ۾ خاص عدالت پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ جي ڪيس ۾ آرٽيڪل 6 جو ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو هو.

  • آمر مشرف جي سزا بحال، سزا معطل ڪندڙ جج جي استعيفيٰ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ مان آمر مشرف جي سزا بحال ٿيڻ واري فيصلي تي ” ٽاڪ شاڪ “ پروگرام ۾ ناميارن صحافين  اعزاز سيد، آصف بشير ۽ فخر دراني تبصرو ڪندي چيو ته تاريخ ۾ اڄ  جو ڏينهن ان ڪري اهم هوندو ته اتفاق سان جنهن خاص عدالت آمر مشرف کي سزا ڏني هئي، ان خاص عدالت کي جسٽس مظاهر علي نقوي غير قانوني قرار ڏئي آمر جي سزا جو فيصلو اڏائي ڇڏيو هو. اڄ  ان جسٽس مظاهر نقوي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ته ٻئي طرف ساڳي ئي ڏينهن سپريم ڪورٽ آمر مشرف جي سزا برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيوآهي، اعزاز سيد سوال ڪيو ته ڇا آمر مشرف جو لاش ڊي چوڪ تي ٽنگيو ويندو. ان سوال جي جواب ۾ صحافي آصف بشير چيو ته اهو فيصلو اڪثريتي نه هو صرف جسٽس سيٺ وقار جو اختلافي نوٽ هو. ان ڪري ان تي عمل نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.