حڪومت ۾ اچي بلوچستان جا مسئلا حل ڪنداسين: آصف زرداري

ڊيرا بگٽي(م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز (پي پي پي) جي چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن موقعو مليو  ته سوئي جي علائقي ۾ گئس پائيپ لائين وڇائي هر گهر تائين گئس فراهم ڪنداسين.ڊيرا بگٽي ۾ چونڊ جلسي کان آصف علي زرداري مختصر ٽيليفونڪ خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته هو سوئي جي علائقي ۾ گئس پائيپ لائين وڇائي هر گهر تائين گئس پهچائيندو.هن چيو ته پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ عوام جو ٿورائتو آهيان جن مٿن اعتماد ڪيو، جلد ڊيرا بگٽي واري علائقي جو به دورو ڪندس.اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته مان هن ڌرتي ۽ اوهان جا مسئلا سمجهان ٿو. توهان کي توهان جي گئس فيلڊز مان پنهنجو حصو ڏياريندس،هن چيو ته پ پ توهان جي سمورن مسئلن جو حل ڪڍندي، اڄ توهان وٽ پاڻ نه اچي سگهيس، ان تي معافي گهران ٿو،سرفراز بگٽي کي سان کي گڏجي کٽرائڻو آهي، پ پ جيڪو به واعدو ڪيو آهي اهو پورو ڪري ڏيکاريو آهي، هن چيو ته ايندڙ پ پ حڪومت اهڙا قدم کڻندي جنهن سان بلوچستان جي عوام لاءِ روزگار ۽ آمدني جا موقعا ميسر ٿين،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.