جعلي اڪائونٽس ڪيس، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) بينڪنگ ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيا، بينڪنگ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي خلاف جعلي بينڪ اڪائوٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو، فاروق نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته جن جوابدارن کي نوٽيس مليا هئا اهي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيا آهن پر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي نوٽيس نه مليا آهن، عدالت فاروق نائيڪ جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن کي 19 فيبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ جلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس اسلام آباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو. ان کان اڳ اهو ڪيس نومبر 2019 ۾ ڪراچي مان نيب ڪورٽ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.