اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي عورت رجسٽرار جزيلا اسلم کي ڌمڪيون مليون آهن، نامياري صحافي آصف بشير جوچوڻ آهي رجسٽرار کي گذريل ٻن هفتن کان ڌمڪين جا پيغام اچي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ ايجنسين جاچ کانپوءِ ٻڌايوآهي ته جن نمبرن تان ڌمڪين جا پيغام اچي رهيا آهن، انهن نمبرن جا سم ڪارڊ افغانستان جا آهن .ان ڏس ۾ وڌيڪ گهرائي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.