ڪراچي پوليس چيف جو ايڪشن،  82 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند ڪرپٽ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪندي ڏوهارين جي سرپرستي ڪرڻ تي ايس ڊي پي او سهراب ڳوٺ، ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ، ايس ايڇ او سائيٽ سپر هاءِ وي کي معطل ڪري ڇڏيو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب پوليس چيف، ڪراچي رينج جي 15 ايس ايڇ اوز خلاف ڊپارٽمينٽل جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايسٽ زون جي 8 پوليس آفيسرن ۽ 21 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، ويسٽ زون جا 7 پوليس آفيسر ۽ 8 آفيسر ڏوهارين جي سرپرستي جو الزام ثابت ٿيو جڏهن ته ڏکڻ زون جي هڪ هيڊ ايڊيٽر ۽ 11 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو. 82 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن ورتو ويو آهي. جنهن ۾ ڪراچي رينج جي ٽن زونن سميت سي آءِ اي ٽريفڪ سيڪيورٽي زون جي 6 اهلڪارن جي معطلي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند ڪراچي پوليس لاءِ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته جيڪي آفيسر ۽ اهلڪار ڏوهن ۾ سهڪار ڪن ٿا انهن خلاف اختيارن جي غلط استعمال تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.