سگهاريون قوتون سنڌ ۾ وسيلن تي قبضا پيون ڪن،ڌارين کي نيڪالي ناهي ملي: جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي

سن(رپورٽ: ساگر سولنگي) سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرھ جي تيارين جي سلسلي ۾ سيد جي پيروڪارن جي گڏيل طور تي جوڙيل رهبر ڪميٽي  جا مرڪزي اڳواڻ ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض  چانڊيو، جسقم اڳواڻ اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ سورهيه سنڌي، سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عبدالفتاح چنا، روادار تحريڪ اڳواڻ پنهل ساريو، سن پهچي مزار جي ايم سيد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي سيد کي سلام پيش ڪيو ۽ رٿيل جلسي جي لاءِ پنڊال جو معائنو پڻ ڪيو. ان موقعي تي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري اهو اعلان ڪيو ٿا ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرھ قومپرست سياست جي مرڪز سن ۾ 17 جنوري تي ڀرپور نموني سان ملهائي ويندي جنهن ۾  شرڪت ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن دانشورن اديب کي دعوتون پڻ ڏنيون وينديون. هن چيو ته سيد جي سالگرھ گڏيل طور ملهائڻ جو مقصد سنڌ واسين کي اهو پيغام ڏيڻ آهي ته جيڪا مرڪز پرست سياست آهي. اها انهن قوتن جي سياست آهي جيڪي سنڌ جا سڄڻ ناهن انهن جو فڪر ۽  فلسفا سنڌ جي لٽ مار تي ٻڌل آهن، هن چيو ته جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي سنڌ واسين کي اها اپيل ڪري ٿي ۽ دعوت ڏئي ٿي ته سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌي قوم جي ڌرتي جي  محفوظ ضمانت آهي سگهاريون قوتن سنڌ جي درياھ، جبل ڪوئلو گئس سمنڊ سميت سمورين معدنياتي وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي معاشي طور  بدحال ڪيو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ٻه ويلا ماني به نصيب نه پئي ٿئي،  اسان سموري سنڌ واسين کي چئون ٿا ته اچو ته سن ۾ سيد کي خراج پيش ڪيو  سنڌ جي ترقي ۽ تعمير ڳاڙهي جهنڊي فڪر جي ايم سيد جي ڏنل نظريي هيٺ ڪريون ان عمل سان سنڌ عالمي طور تي ترقي حاصل ڪندي ۽ عزت ملندي هن چيو ته سنڌ اندر جيڪي قوتون پنجاب جي غلبي جي سياست ڪن ٿيون اهي سنڌ دشمني ڪندڙن جون ڌر آهن ۽  اسان سنڌ واسي ۽ سيد جا پيروڪار سنڌ جي ترقي خوشحالي جي  ڌر آهيون سنڌ دشمن قوتون ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهن جنهن جي ڪري لکين افعاني سنڌ ۾ موجود آهن سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل نه ٿا ڪن ۽ اسان جي پارليامينٽ ۽ سنڌ اندر افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي آڻي اسان سنڌين کي هٿرادو طور تي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي هن چيو ته جيڪا سياست اسلام آباد کي سگهارو ڪندي اها سنڌ جي سڄڻ ناهي اها سنڌ کي برباد ڪندي، سنڌ جي ساڃاهه وند نياڻين مردن نوجوانن کي اپيل ڪيون ٿا ته سنڌ جي حقن واري سياست ڪريون ته جيئن اسان سنڌ کي بچائي سگھون. هن چيو ته  سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ۽ ورسي تي  سرڪار ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جيڪا سيد جي پيروڪارن عاشقن جي غير قانوني رستا روڪ ڪندا آهن اها ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ان موقعي تي اڪرم کوسو ، منٺار ڇڇر ، اياز خاصخيلي واحد بخش شاهاڻي حنيف بڙدي ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.