ڪراچي ۾ فائرنگ واقعن ۾ رڪشا ڊرائيور ۽ نوجوان قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا، مبينا ٽائون ٿاڻي جي حد موسميات جي علائقي اسپارڪو روڊ تي موسميات واري علائقي ڊائو اسپتال ويجهو موٽر  سائيڪل سوار جوابدارن جي رڪشي تي فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ ڊرائيور مارجي ويو، ڪراچي پوليس ترجمان موجب مقتول جي سڃاڻپ 32 ورهين جي غلام ياسين ولد پير بخش جي نالي سان ٿي آهي، مقتول جي ڀاءُ محمد الطاف ٻڌايو ته غلام ياسين  گلستان جوهر بلاڪ 12 منور چورنگي جي ڀرسان هڪ خالي پلاٽ تي رهندو هو ۽ مقتول 3 ٻارن، ٻن ڇوڪرين ۽ هڪ ڇوڪرو جو پيءُ هو. سندس اباڻو ڳوٺ اوچ شريف ضلعي بهاولپور آهي. مقتول 10 سالن کان ڪراچي ۾ رڪشا ڊرائيور طور ڪم ڪري رهيو هو، واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سرڪاري ايمبولينس کي ڪيترائي فون ڪيا پر ڪو به نه آيو. جڏهن مان ويجهي ٿاڻي پهتس ۽ ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌايو ته هنن اچڻ کان منع ڪئي، ۽ واقعي جي ٻن ڪلاڪن تائين ڪو به نه آيو، پوءِ ٻن ڪلاڪن جي بعد پوليس آئي، ٻئي پاسي شريف آباد ٿاڻي جي علائقي لياقت آباد جي انڊر باءِ پاس پل وٽ ڪار تي ھٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، پوليس پھچي مقتول جو لاش ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. جتي مقتول جي لاش جي سڃاڻپ 42 سالن جي سيد شڪيل شير ولد سيد عارف شير طور ٿي، ايس ايس پي سينٽرل موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص خانگي ڪمپني جو اڪائونٽنٽ آهي. هن چيو آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو ڦر لٽ دوران مزاحمت جو لڳي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.