بنون ۾ پوليو ٽيم تي هٿياربندن جو حملو، 2 پوليس اهلڪار شهيد

بنون (م ڊ ) بنون ۾ پوليو ٽيم تي حملي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب مريان جي علائقي ۾ پوليو ٽيم ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياري رهي هئي، ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ 2 پوليس اهلڪار به ڊيوٽي تي موجود هئا،  ٽيم جيئن ئي ٽيري رام وٽ پهتي ته ٻن دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.جنهن جي نتيجي ۾ ڊيوٽي تي موجود ٻئي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. ٻنهي زخمي پوليس اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻنهي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جيڪو ڀر واري علائقي ۾ لڪي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته باجوڙ جي تحصيل ماموند ۾ پوليس ٽرڪ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. پوليس اهلڪار پوليو خلاف مهم جي ٽيم کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته انهن جي گاڏي تي ڌماڪو ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.