سنڌي ٻولي يلغارن هوندي به پنهنجو وجود برقرار رکيو، وارثي ڪرڻي پوندي: يوسف شاهين

ڪراچي (پ ر) اسان ڪڏهن به ٻين ٻولين کان نفرت ناهي ڪئي، سنڌي ٻوليءَ  ھزارين ورهين کان پنھنجي بقا لاءِ وڙهندي، پاڻ کي زنده رکيو آهي. بقا جي ان ويڙهه ۾ رڳو فارسي ۽ سنڌي پنھنجو وجود برقرار رکيو، جڏھن ته دنيا جون قديم ۽ اوائلي ٻوليون به مري ويون. انهن خيالن جو اظھار نامياري تاريخدان يوسف شاهين ڪراچيءَ ۾ "سنڌي سکيا ڪورس”  جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدارتي خطاب ڪندي نامور تاريخدان  يوسف شاهين چيو ته دنيا جي قديم ترين ٻوليون سميري، اڪادين سميت ڪافي ٻوليون ختم ٿي ويون آهن، پر سنڌي ٻوليءَ يلغارن هوندي به پاڻ کي زنده رکيو آهي، جنھن جي وارثي ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته مونکي خوشي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، ڪراچي ۽ سکر ۾  سکيا مرڪز کوليا آهن ۽ اسلام آباد ۾ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو وڏو ڪم آهي. هن سنڌي تدريس جو ڪورس مڪمل ڪندڙ خانگي اسڪولن جي استادن کي مبارڪون پڻ ڏنيون. سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته وفاقي سرڪار جي پاليسين وانگر خانگي اسڪولن جي انتظاميائن جو به سنڌي ٻوليءَ  سان رَويو مناسب نه رهيو آهي، ڳوٺن گهٽجڻ ۽ شھرن جي  آبادي وڌڻ سبب پڻ سنڌي ٻوليءَ تي وڏو اثر پيو آهي، ڇو ته شھر گهڻ ٻوليائي ٿين ٿا. جيڪڏهن سنڌي استاد ذميواري، فرض شناسي ۽ مھارت سان پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا ته ٻوليءَ کي درپيش للڪارن کي منھن ڏيڻ ڏکيو ٿيندو ويندو. ٻوليءَ جي حفاظت ۽ نئين نسل ڏانھن محفوظ منتقلي اڄ جي استاد جي بنيادي ذميواري آهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته نئين نسل ۾ پنهنجي ٻوليءَ جي منتقلي اصل ۾ هزارين سالن جي ورثي جي منتقلي آهي. ٻولي محفوظ هوندي ته ايندڙ نسل پنھنجي تھذيب سان پيار ڪندو. هن ٻڌايو ته اسان جلد اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌي آباديءَ جي ٻارڙن لاءِ پڻ سنڌي ٻولي سکيا  مرڪز قائم ڪنداسين. ٻولي اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر احسان دانش  چيو ته هي سنڌي سکيا جا مرڪز کولڻ اسانجو هڪ خواب هو، جنھن جي تعبير طور سنڌ جي ٽن وڏن شھرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ ڪلاس شروع ڪيا ويا آهن.  استادن کان علاوه سنڌي نه ڄاڻندڙ فردن لاءِ روبرو توڙي آنلائن ڪلاس پڻ جاري آهن.  سنڌي سکيا مرڪز  ڪراچيءَ جي اعزازي ائڊمنسٽريٽر نامياري ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ياسر قاضيء چيو ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هن ڪئمپ آفيس ۾ آنلائن سکيا جا ڪلاس روزانو شام جو پابنديءَ سان جاري آهن، گڏو گڏ روبرو ايندڙ اميدوارن جي داخلا ۾ دلچسپي اهو ظاهر ڪري ٿي ته ڪراچي توڙي ٻين شھرن ۾ رهندڙ ٻين ٻولين جا ڳالهائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت جو شعور رکن ٿا. هن ٻڌايو ته مختلف ملڪن مان سنڌي سکڻ جا خواهشمند وڏي چاهه سان آنلائن ڪلاس وٺي رهيا آهن. نامياري براڊ ڪاسٽر سيد ذوالفقار علي شاهه تقريب کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌي ٻوليءَ سان مونکي ننڍپڻ کان پيار رهيو آهي ۽ مونکي فخر آهي ته منھنجا سنڌي اکر سٺا آهن. خوشخطي ذريعي ئي مون روزگار جي شروعات ڪئي هئي. مان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شروع ڪيل سکيا مرڪزن جي ساراهه ڪئي.  سکيا مرڪز ڪراچيءَ جي  تربيت ڪار مرتضي ناز ٻڌايو ته ڪراچيءَ جي خانگي اسڪولن ۾ استادن پاران هن سکيا جو استعمال ڏسي، وڌيڪ خوشي ٿي رهي آهي. هن ڪورس ۾ وياڪرڻ (گرامر) ، لسانيات جي اهميت ۽ شاخن ۽ مختلف صنفن کي ڪيئن پڙهيو وڃي، ان بابت سرگرميون ڪرايون ويون آهن. هن تقريب ۾ سليمان وساڻ، شوڪت چاچڙ، تولارام سوٽھڙ، راشد سومري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.