برطانوي هاءِ ڪمشنر جلد لاهور ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان وڌيڪ ملاقاتون ڪندي

لاهور (م ڊ) برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ جلد لاهور ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان وڌيڪ ملاقاتون ڪندي. ذريعن  موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر آءِ پي پي اڳواڻن جهانگير ترين ۽ عليم خان سان ملاقات ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته برطانوي هاءِ ڪمشنر لاهور ۾ مسلم ليگ ق جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندي. ذريعن موجب برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ٻين پارٽين سان ملاقاتون ايندڙ هفتن ۾ به جاري رهنديون. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.