مافيا وڏين پارٽين کي اقتدار ۾ آڻي وڌيڪ وصولي ڪري ٿي : سراج الحق

تله گنگ (پ ر ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هر هر حڪومت ڪرڻ جي گهر ڪرڻ وارا گذريل ڪارڪردگي جو حساب ڏين.  خانداني بادشاهي جو دور ختم ٿي ويو. هاڻي آقا غلام ۽ ٻين جي ورهاست نه هلندي، هڪ پاڪستان ۾ 12 نظام نه هلي سگهندا. عوام 8فيبروري تي ظالم جابر سرمائيدارن وڏيرن ڪرپٽ سرمائيدارن جو احتساب ڪري. پنهنجي بيان ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اقتدار ۾ اچي جماعت اسلامي قرآن ۽ سنت جو نظام آڻيندي. وياج ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ عوام صرف ۽ صرف تارازي کي ووٽ ڏئي. اهڙو اظهار هن تله گنگ ۾ اليڪشن مهم دوران ڳالهائيندي چيو ته هن وقت ملڪ ۾ انگريزن جو نظام آهي مافيا وڏين پارٽين کي اقتدار ۾ آڻي انهن کان وڌيڪ وصول ڪري وڃن ٿا. ملڪ جي عدالت ۾ انصاف نه آهي غريب عوام مظلومن جي لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن طاقتور ماڻهن جو ڪوبه احتساب نٿو ڪري. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ملڪ جي بزدل حڪمرانن جي ڪري مودي والاريل ڪشمير جي رياستي حيثيت ختم ڪري مظفر آباد تي به قبضو ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. حڪمران ڀارتي پائلٽ کي 48ڪلاڪ به رکي نه سگهي ۽ مودي سرڪار دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي خوف کان انهن ائين ڪيو. هن چيو ته حڪمرانن قوم جي ڌيءَ ڊاڪٽر عافيه کي آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو وعدن بعد به آمريڪا کان آزاد ڪرائي نه سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.