عدالتن کي قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي:سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته تعليم کان سواءِ ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي روزگار ڏيڻ رياست جي  ذميواري آهي ،حڪمرانن جي نا اهلي سبب قوم وسيلن ۽ مس مئنيجمينٽ ۽ ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي. قوم 58 فيبروري تي صرف ۽ صرف تاراجي تي ٺپو هڻي. ملڪ ۾ جمهوريت جي حڪمراني قرآن ۽ سنت جي بالادستي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انتخابي حلقي اين اي 6 انتخابي دفتر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جماعت اسلامي جي حلقي پي ڪي 16۽ 17 جي اميدوارن جي اعزاز ۾الملڪ افڪاري ۽ سعيد گل ڀٽي ان موقعي تي موجود هئا.سراج الحق باجوڙ ۾ پوليس ويگن تي دهشت گردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته  شهيد ٿيندڙن جي لاءِ دعا مغفرت ۽ انهن جي وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته دهشت گردن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ سياسي اختلاف ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ مضبوط جمهوريت جو بنياد رکڻ آهي. اڳوڻا حڪمران سيڪيورٽي بهتر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي بقا جي جنگ ورهن ٿا. حڪمرانن جي اهم ذميواري عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي. جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي ملڪ ۾ خوشحالي آڻيندي روزگار جا موقعا پيدا ڪندي بي روزگار نوجوانن لاءِ هڪ پروگرام آڻي انهن کي روزگار سان لڳائيندي بک بد حالي جي پاڙ پٽي عوام ۽ ملڪ کي خوشحال ڪندي.سراج الحق چيو ته عدالتن کي پنهنجو ڪردار صاف رکڻ لاءِ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي. ملڪ جي عدالتن ۾ عام شهرين کي انصاف نٿو ملي طاقتور پنهنجو پاڻ کي قانون کان وڌيڪ سمجهي ٿو سڀني جي لاءِ قانون هڪ جهڙو هوندو ته معاشرو ترقي ڪندو. هن چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي عدالتن ۾ قرآن جو نظام آڻيندي.سراج الحق چيو ته مهنگائي سبب عام شهري پريشان آهن سابق حڪومت جي پنهجي مفادن واري فيصلن سبب عوام ۽ ملڪ قرضي بڻجي ويو آهي ا۽ ايم ايف جون پاليسون هلن ٿيون ھن چيو ته جماعت اسلامي جا نمائندا ايماندار سچا نيڪ نمازي ۽ عوام دوست نمائندا آهن جيڪي چونڊجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪندا ان لاءِ تراجي کي ووٽ ڏئي پنهنجي مستقبل ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ سوچيو ۽ ڀلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.