جي آءِ ٽيز جي ڪارروائي رڳو اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ هوندي آهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

 ڪراچي (م ڊ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ 2016ع کان گم ٿي ويل شهري کي بازياب ڪرائڻ بابت  درخواست تي آءِ جي سنڌ کي اسسٽنٽ اٽارني جنرل  جي خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2016ع کان  گم ٿي ويل شهري عبدالرحمان کي بازياب ڪرائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪيتريون جي آءِ ٽيز ٿي  چڪيون آهن ۽  ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. اسسٽنٽ اٽارني جنرل  موقف ڏيندي چيو ته 25 جي آءِ ٽيز ٿي چڪيون آهن. ۽ خيبرپختونخواهه جي ايجنسي ۽ ٻين سمورين ايجنسينيز کي خط لکيا آهن پر هن وقت تائين ڪو رد عمل ناهي آيو. عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته 2023ع ۾ به بلڪل ساڳي رپورٽ  پيش ڪئي وئي هئي. هاڻي  به اها ئي رپورٽ ڪئي  وئي. 2023ع ۾ 21 جي آءِ ٽيز ٿيون هيون ۽  هاڻي 25 جي آءِ ٽيز ٿيون آهن پر ڪو پتو ناهي لڳايو ويو. جاچ آفيسر موقف ڏيندي چيو ته چند ڏينهن کان پوءِ جي آءِ ٽيز جو اجلاس ٿيڻو آهي. جلد پتو لڳايو ويندو. جسٽس ظفر راجپوت ڪاوڙ ظاهر ڪندي جي آءِ ٽي ۾ ڪجهه  به نه هوندو.  پوءِ اها ئي  رپورٽ پيش ڪئي ويندي جيڪا 5  سال اڳ ڏني هئي. جسٽس ظفر راجپوت رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽيز جي  ڪارروائي رڳو اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ هوندي آهي. ڪڏهن به ڪنهن جي آءِ ٽي سان پتو ناهي لڳايو ويو. ٻڌڻي ۾ هڪ ئي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ٿي. سرڪاري وڪيل موقف ڏيندي چيو ته لاپتا شهري جي گهر ڀاتين کي حڪومت معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي. پر ان جي گهر ڀاتين معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.  انهن جو چوڻ آهي ته اسان  کي پٽ گهرجي. گم ٿي ويل شهري جي گهرڀاتين چيو ته عبدالرحمان کي ڊفينس  مان رينجرز وارا وٺي ويا هئا. 8 سالن کان  پوليس اسٽيشن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون. پر ڪٿان انصاف ناهي مليو. جاچ آفيسر ٻڌايو ته گم ٿي ويل شهري عبدالرحمان جو ڪنهن سياسي تنظيم سان تعلق هو. ۽ ان جي ڀاءُ عبدالغي جو تعلق ڪنهن سياسي تنظيم سان آهي. عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي آءِ جي ۽ ٻين ڌرين کان ايندڙ ٻڌڻي کي اڳڀرائي گهري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي 2 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.