9 مئي سانحو: عمران خان جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ به گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني جي 9 مئي سانحي ۾ جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ به گرفتاري وڌي وئي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ عمران خان کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو هو پر جيل اختيارين کيس پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي، جنهن کانپوءِ ان جي وڊيو لنڪ ذريعي پيشي يقيني بڻائي وئي.
ٻڌڻي دوران آر اي بازار ٿاڻي جي ايس ايڇ او عمران خان جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.
عدالت چيو ته 9 مئي بابت جيترن به ڪيسن ۾ عمران خان نامزد آهي، ان کان پڇا ڳاڇا اڊيالا جيل ۾ ئي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.