190 ملين پائونڊ ڪيس: شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ فرح گوگيءَ جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري ۽ فرح گوگي جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
احتساب عدالت جي جج محمد بشير 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهزاد اڪبر، ذلفي بخاري، فرح گوگي سميت ڇهن جوابدارن جا جا اثاثا ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت جوابدارن جي نالي رجسٽرڊ گاڏيون ضبط ڪرڻ حڪم ڏيندي کين اشتهاري قرار ڏيڻ کانپوءِ سمورين جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.