ملڪ مان ڪيترا ماڻهو گم ٿيا ۽ ڪيترا حراستي مرڪزن ۾ قيد آهن؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گم ٿيل ماڻهن بابت قائم ڪميشن عدالتي حڪم تي سمورا تفصيل اٽارني جنرل کي جمع ڪرائي ڇڏيا.
ڪميشن جي رپورٽ موجب، گم ٿيل ماڻهن جا سڀ کان وڌيڪ ٽي هزار چار سئو پنجاسي ڪيسز خيبرپختونخوا مان رپورٽ ٿيا، ڪي پي مان شهرين جي گم ٿيڻ جو سبب شرپسندي ۽ ڊرون حملن ۾ فوتگيون آهن جڏهن ته بلوچستان مان ٻه هزار ست سئو ٻاونجاهه شهرين جي جبري گمشدگي جا ڪيسز سامهون آيا.
رپورٽ موجب، گم ٿيل ماڻهن کي پيش ڪرڻ لاءِ 744 پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا جن مان رڳو 52 تي عمل ٿيو، ڪميشن طرفان جاري ڪيل 692 پروڊڪشن آرڊر تي لاڳاپيل اختيارين عمل نه ڪيو، پروڊڪشن آرڊرز تي نظرثاني لاءِ پوليس ۽ حساس ادارن 182 درخواستون ڏنيون جڏهن ته عملدرآمد نه ٿيڻ وارن پروڊڪشن آرڊرز مان 503 ڪي پي مان آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مارچ 2011ع کان ڊسمبر 2023ع تائين 4413 گم ٿيل ماڻهو واپس پهتا، گم ٿيندڙ 994 ماڻهو مختلف حراستي مرڪزن ۾ قيد آهن ۽ گم ٿيل 644 ماڻهو ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن.
رپورٽ موجب، مارچ 2011ع کان ڊسمبر 2023ع تائين 261 گم ٿيل ماڻهن جا لاش مليا، ڪميشن 1477 ڪيسز کي جبري گمشدگي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيو، خارج ڪيل ڪيسز ۾ ڀنگ عيوض اغوا، ذاتي دشمني يا پاڻمرادو روپوش ٿيڻ جا هئا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ پنجاب جا 260، سنڌ 163، ڪي پي جا 1336 ڪيسز بلوچستان جا 468، اسلام آباد جا 55 ۽ آزاد ڪشمير جا 15 ڪيسز التوا هيٺ آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪميشن ۾ مجموعي طور تي 35 آفيسر ۽ ملازم مقرر آهنم ڪميشن جي آفيسرن ۽ ملازمن جي ماهوار پگهار پندرنهن لک کان وڌيڪ آهي، ڪميشن جو سربراهه جاويد اقبال جي ڇهه لک 74 هزار، ميمبر ضياءَ الحق پرويز جي اٺ لک 29 هزار جڏهن ته ڪميشن ميمبر امان الله خان جي 11 لک 39 هزار ۽ شريف ورڪ جي ماهوار پگهار ٻه لک 63 هزار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.