راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي توشا خانا ڪيس ۾ فرم جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي تي فرم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
عدالت پاران بشريٰ بي بي کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس جون ڪاپيون به فراهم ڪيون ويون آهن.