اسلام آباد ۾ بلوچن جو ڌرڻو جاري،ماهه رنگ خلاف پروپيگنڊا

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران بلوچ نسل ڪشي خلاف احتجاج جاري آهي. جنهن ۾ خيبرپختونخواهه سميت بلوچستان  مان جبري گم ڪيل ماڻهن جا وارث وڏي انگ ۾ شريڪ آهن، بلوچ اڳواڻ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ چيو ته جبري طور گم ڪيل ماڻهن جي ڪيمپ جي ويجهو بلوچن جي وارثن کي تنگ ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڪئمپ جي نالي تي خيما لڳايا ويا آهن هن چيو ته اسان اسلام آباد جي انتظاميه، عدليه ۽ پارليامينٽ کي ياد ڏياريون ٿا ته عورتن ٻارن سميت بلوچ لاپتا ماڻهن جي وارثن جي ڪيمپ ۾ ويٺل سمورن ماڻهن کي جيڪڏهن ڪو  نقصان يا اڻ وڻندڙ ​​واقعو پيش آيو ته  ان جا ذميوار اهي سمورا ادارا هوندا، هن چيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران گم ٿيل بلوچن جي لانگ مارچ ۽ ڌرڻي کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ حڪومتي حمايتي گروپ ميمبرن کي گڏ ڪيو ويو  ۽ ڪيمپ جي اڳيان خيما لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن گم ٿيل بلوچن جي وارثن کي هراسان ڪيو وڃي. ڪئمپ ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻار.بلوچ احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اڄ سرڪاري پروٽوڪول موجب اسان جي ڪئمپ اڳيان حڪومت جا حمايتي ماڻهو گڏ ٿيا آهن.هن چيو ته بلوچ عورتن ۽ ٻارن کي هراسان ڪرڻ لاءِ بلوچستان مان سرڪاري ماڻهن کي هتي آندو ويو آهي.مظاهرين  جو چوڻ هو ته حڪومت جي سنجيدگيءَ جو  اهو عالم آهي ته اسان جا مطالبا ٻڌڻ بدران هتي هٿياربند ٽولن جي ماڻهن کي گڏ ڪري وارثن کي تنگ ڪري رهيا آهن،هوڏانهن ماهه رنگ بلوچ ٽوئيٽر تي چيو آهي ته رياست ۽ جنگي مفاد پرستن کي اکيون کولڻ گهرجن، هي عوامي تحريڪ آهي، ملير کان ڊي جي خان تائين عوام جي طاقت هن تحريڪ سان آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هزارين عورتون اسان جي تحريڪ ۾ شامل ٿيون آهن.هن تحريڪ کي طاقت ۽ تشدد سان شڪست ڏيڻ هاڻي بيوقوفي آهي. انهن لاءِ جيڪي گوگل تي ٻين کي صلاح ڏين ٿا، اسان انهن کي صلاح ڏيون ٿا ته اهي ڪتاب پڙهن ته جيئن دنيا جي عوامي تحريڪن جو مطالعو ڪن۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن ته عوامي تحريڪن کي طاقت ۽ تشدد سان شڪست نٿي ڏئي سگهجي.ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته اها تحريڪ هاڻي ختم ٿيڻ واري ناهي، هاڻي ان تحريڪ جون عورتون بلوچ نسل ڪشي خلاف هن تحريڪ کي هر گهر تائين پهچائينديون ٻئي پاسي ماهه رنگ بلوچ خلاف ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلايو پيو وڃي جنهن تي ماهه رنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته ”ماهه رنگ بلوچ ڊرامو فلاپ“ جو جيڪو اهو ٽرينڊ هلائي رهيا آهن مان انهن کان سوال ڪرڻ چاهيان ٿي ته ڇا پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ ڊرامو آهي؟ ڇا پنهنجي پيارن جي واپسي لاءِ نڪرڻ ڊرامو آهي، ڇا ظلم خلاف آواز اٿارڻ ڊرامو آهي، توهان کي اهو ڊرامو لڳندو هوندو پر اسان جا گهر اجڙيا آهن، ته اسان ته آواز اٿارينداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.