سلطانپور/پنوعاقل (رپورٽ: قربان علي مهر / رستم انڍڙ) سلطانپور ويجهو ڳوٺ ميوو مهر ۾ بااثر قبضا خورن ڏاڍ جي زور تي حسن پير قبرستان ۾ دفنايل ٻارڙي جو لاش قبر مان ٻاهر ڪڍي لاش جي بيحرمتي ڪري ۽ کوٽيل قبر ۾ سرون ڊينگر اڇلائي ٻارڙي جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو والد لاش کڻي احتجاج ڪيو، فوتي ٻارڙي جي والد محمد صابر مهر ۽ سندس وارثن احتجاج ڪندي چيو ته صبح جو اسين فوت ٿي ويل ٻارڙي کي قبرستان ۾ دفنايوسين ته ڳوٺ جي قبضا خورن مقامي وڏيري جي بڇ تي اسان جي معصوم ٻارڙي جو دفن ٿيل لاش قبر مان ڪڍي ٻاهر اڇلائي لاش جي بيحرمتي ڪري ٻيهر دفن ڪرڻ کان روڪي اسان مٿان تشدد ڪيو ويو، قبضا مافيا دين محمد، حضور بخش، ساجن، حيدر بخش، امام الدين، قادربخش ۽ ٻين ڪجھ ٽائيم اڳ قبرون مسمار ڪري حسن پير قبرستان تي قبضو ڄمائي فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيو، قبرستان جي بقايا رهيل زمين تي اسان کي فوت ٿي ويل پيارن جا لاش دفن ڪرڻ نٿا ڏنا وڃن ، قبضا خور جوابدارن فوت ٿي ويل ٻارڙي جو دفنايل لاش قبر مان ڪڍي لاش جي بيحرمتي ڪئي آهي، جڏھن ته کوٽيل قبر ۾ سرون ۽ ڊينگهر اڇلائي بيهي رهيا ته لاش دفن نه ڪرڻ ڏينداسين، هوڏانهن فوتي جي وارثن ڪينٽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن ٻن ڪلاڪن بعد پهچي لاش جي تدفين ڪرائي جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي، جڏهن ته ڪينٽ پوليس جي پهري ۾ تدفين ڪرائي وئي.